سونو ڏند

سونو ڏند

سونو ڏند

سونو ڏند (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل تيرهن ڪهاڻيون شامل آهن. ڪهاڻين جا عنوان هن ريت آهن:
(1) صفوران چورنگي، (2) آزار، (3) سونو ڏند، (4) قلم جو قيدي، (5) ڀاءُ جي نصيحت،
(6) ڳوٺ، (7) گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا، (8) مورتي، (9) پريو مڙس، (10) سوڙهو، (11) پيار،
(12) گڏهن جي آزادي ۽ (13) چور ۽ بهادر سپاهي.
ڊيمي سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل پڪي جلد سان هيءُ ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور، 2012ع ۾ ڇپايو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 120 روپيا آهي.
هن ڪتاب کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2012ع ۾ ڇپيل ادبي ڪتابن جي انعامي مقابلي ۾ پهريون نمبر انعام ڏنو آهي، جيڪو ليکڪ کي 10.7.2013 تي ريجنٽ پلازه ڪراچيءَ ۾ ٿيل ادبي انعام تقريب ۾ ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو